| حيدرآباد جو گرلز اسڪول ورلڊ بيسٽ اسڪول ۾ شامل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سرڪاري اسڪول پاڪستان لاءِ عالمي اعزاز حاصل ڪري ورتو، حيدرآباد جو اسڪول ورلڊ بيسٽ اسڪول پرائيز 2026ع جي ٽاپ 10 فائنسلٽن ۾ شامل ٿي ويو . ان حوالي سان تعليم واري وزير سردار شاھ چيو آهي ته سنڌ ۾ شروع ڪيل اسٽيم (STEAM) اپائن جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. گورنمينٽ گرلز لوئر سيڪنڊري اسڪول ٽنڊو مير غلام حسين لطيف آباد دنيا جي ٽاپ 10 فائنلسٽن ۾ شامل ٿي ويو آهي، هن چيوته اها ڪاميابي ملڪ جي ٻين سرڪاري اسڪولن لاءِ نئين اميد، همت ۽ پيروي لائق مثال آهي.