| حيدرآباد جيل ۾ قيد جسقم ڪارڪنن سيد جي سالگرهه ملهائي |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جسقم آريسر جي قيدين حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان ۾ سھيل ميراڻي، مھراڻ ميراڻي، عدنان بلو، جاويد منڱريو، دلبر ڏيرو، شعبان چانگ سميت ٻين قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. جسقم جي اسيرن حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، ان موقعي تي مهراڻ ميراڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل جديد قومپرستيءَ جي باني سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ آهي. تقريب دوران شرڪت ڪندڙن سائين جي ايم سيد جي فڪر، جدوجهد ۽ سنڌ سان بي مثال محبت کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ ان عزم کي ورجايو ته هو سيد جي عدم تشدد، حق ۽ آزاديءَ واري فلسفي تي ثابت قدم رهندا، هنن چيو ته اسين سيد جا پرامن سياسي ڪارڪن آهيون، هن وقت سنڌ خاطر جيلن ۾ قيد آهيون، پر اهو سيد جي فڪر جي چمڪ آهي، جو اسين قيد هجون يا ٽارچر سيل ۾، اسين ڪڏهن به مايوس ناهيون ٿيا. هنن چيو ته اسان جو ٻاهر ويٺل قومي ڪارڪنن، جيئي سنڌ هلچل جي قيادتن ۽ سنڌي قوم کي پيغام آهي ته توهان سنڌ جي حقن جي جدوجھد جاري رکيو، تشدد، جيل ۽ ٽارچر سيل طاقتور ڌرين جا قومي ڪارڪنن کي مايوس ڪرڻ جا ناڪام حربا آهن، اسين انهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون.