اسرا يونيورسٽي حيدرآباد ۾ فائرنگ، 3ڄڻا زخمي، ڊاڪٽر نذيرلغاري تي الزام

جُون 27, 2023

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي اسرا يونيورسٽي وٽ فائرنگ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 3ڄڻا زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن

فائرنگ جي ڪري علائقي واسين ۾ خوف پکڙجي ويو آهي، فائرنگ جي اطلاع تي پوليس اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن

اسرا يونيورسٽي فائرنگ واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج منظر عام تي اچي ويا، فٽيجز ۾ ڪجهه ماڻهن کي مک گيٽ کان اندر داخل ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو، چيف سيڪريٽري سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

چيف سيڪريٽري پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊ توڙي ڪمشنر خانگي يونيورسٽي جي معاملي کي چڱي ريت ڏسي حل ڪن، يونيورسٽي جي عملي ۽ شاگرد توڙي شاگردياڻين جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي، فائرنگ واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي

ٻئي طرف  پوليس جو چوڻ آهي ته صبح جو فائرنگ ٿي جنهن دوران سيڪيورٽي گارڊ سميت 3 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، زخمين ۾ سيڪيورٽي گارڊ عبدالرحمان پٽ غلام قادر رند ۽ واٽهڙو معين پٽ اسماعيل مسعود, حماد پٽ مٺو يوسفزئي شامل آهن

پوليس موجب زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري صورتحال تي ضابطي لاءِ وڏي انگ ۾ پوليس کي طلب ڪيو ويو هو

ٻئي طرف اسريٰ يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر نذير لغاري جي ملازمت جو مدو 23 جون تي پورو ٿي ويو آهي جنهن بعد هو پنهنجن ساٿين سان گڏجي يونيورسٽي جي قانوني آفيسرن لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيو آهي ۽ کين حراسان ڪيو پيو وڃي

اڄ قانوني اٿارٽي پاران مقرر ڪيل ڪمپني جو سيڪيورٽي عملو بنا هٿيارن جي يونيورسٽي جي مک دروازي تي پهتو ته جيئن پر امن مقرري ٿي سگهي پر بدقسمتي سان نذير لغاري جي هٿياربندن سيڪيورٽي عملي تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيا

ترجمان موجب پوليس ڊاڪٽر نذيرلغاري جي هٿياربندن جي غيرقانوني حمايت ڪري رهي آهي

Leave A Comment