حيدرآباد جي اسپتال ۾ 15 ڏينهن کان بجلي بند: ٻارن جو وارڊ ۽ آءِ سي يو خالي

آگسٽ 1, 2023

حيدرآباد(رپورٽ: امتياز کوسو)حيدرآباد جي اسٽيشن روڊ تي قائم سرڪاري اسپتال ۾ 15 ڏينهن کان بجلي جو ٽرانسفارمر سڙيل، انتظاميا ٻارن جو وارڊ توڙي آءِ سي يو خالي ڪري ڇڏيو، ڪجهه ٻار علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا ويا

تفصيل موجب حيدرآباد جي اسٽيشن روڊ تي قائم سي ڊي ايف اسپتال  ۾ 50 ڪي وي ۽ 100 ڪي وي جو ٽرانسفارمرز لڳل آهن جنهن مان هڪ 100 ڪي وي وارو ٽرانسفارمر خراب ٿيڻ سبب نرسري ۽ آءِ سي يو وارڊ کي بجلي فراهمي بند پيل آهي

ايم ايس سي ڊي ايف عبدالحليم ٿيٻو موجب اسپتال ۾ 31 ٻار داخل ٿيل هئا بجلي بند ٿيڻ بعد ڊي جي صحت سنڌ کي آگاهي ڏني جنهن سمورا ٻار سول اسپتال ۾ اماڻڻ جي صلاح ڏني

سندس چوڻ هو ته سيڪريٽري صحت, ڪمشنر, ڊي سي, ڊي ايڇ او ۽ حسيڪو سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي آگاهي ڏني آهي پر اڃا تائين  ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو

 ايم ايس ٻڌايو ته حيسڪو پاران چيو ويو 19 لک رپيا لڳندا جنهن بعد بجلي بحال ٿيندي هاڻي وري چون ٿا 80 هزار رپيا فراهم ڪيا وڃن ته ان ئي ٽرانسفارمر جي مرمت ڪرائي بجلي بحال ڪئي ويندي

هن چيو ته اسان وٽ ايتري رقم ناهي صحت کاتو ۽ ٻيا عملدار معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن بجلي بحال ٿي سگهي

عبدالحليم ٿيٻو موجب معمولي بيمار ٻارن جو علاج ڪري واپس گهر اماڻيون ٿا باقي اسپتال ۾ ٻارن کي داخل نه ٿا ڪري سگهون

هن چيو ته محرم الحرام جي شروعات کان وٺي بجلي بحران کي منهن پيا ڏيون هاڻي ايمرجنسي حالت ۾ ايندڙ ٻارن جو علاج سي ڊي ايف اسپتال ۾ نه ٿا ڪري سگهون

سندس چوڻ هو ته بيمار ٻارن جي والدين کي صلاح ڏيون ٿا ته هو سول اسپتال وڃن هڪ جنريٽر تي آءِ سي يو توڙي نرسري ۽ پيٽس وارڊز نه ٿا هلائي سگهون

Leave A Comment