حيدرآباد جي تاريخي گنجي ٽڪر جي پٿر جي غيرقانوني ڪٽائي جاري، ادارا تماشائي بڻيل
ڊسمبر 11, 2023
حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) حيدرآباد جي تاريخي گنجي ٽڪر جنهن جي ايراضي 36 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ آهي ۾ بلوچستان جا مري ۽ پٺاڻ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پٿر ڪڍڻ جو غيرقانوني ڪم ڪري رهيا آهن. ”پنهنجي اخبار“ پاران علائقي جي ڪيل تفصيلي سروي ۾ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته گنجي ٽڪر حيدرآباد جي سائيٽ ايريا کان شروع ٿئي ٿو جيڪو مقبري شريف تائين 36 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي آباد آهي. گنجي ٽڪر تي ڪيترائي قديم ڳوٺ آباد آهن جن ۾ جماڻي ڳوٺ، ڳوٺ يعقوب کوسو، خٽڪ ڪالوني، کوسو ڳوٺ، لونگ نوناري، بچل شورو، گلشن قائد، جمعو ڇٽو، بروهي، پٺاڻ، ملاح، سولنگي، مري، بگٽي ۽ ٻين جا ڳوٺ شامل آهن. گنجي ٽڪر ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پٿر جي ڪٽائي جو عمل غيرقانوني طريقي سان جاري آهي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته گنجي ٽڪر ۾ حيدرآباد کان مقبري شريف تائين ڪيترائي ڪريش پلانٽ آهن. جبل مان پٿر ڪڍڻ لاءِ مري توڙي پٺاڻ ۽ ٻيا ماڻهو سرنگن ۾ بارود جا ڌماڪا ڪن ٿا. روزانو سوين ڌماڪا ٿيڻ سبب هزارين آبادين ۾ رهندڙ ڳوٺاڻا سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن. پٺاڻن ٻڌايو ته ڌماڪن لاءِ ڊيزل ۽ يوريا ڀاڻ مڪس ڪري بارود ٺاهيو وڃي ٿو جنهن سبب ڌماڪن جي شدت ايتري ته تيز هجي جو سندن گهرن کي ئي ڏار پئجي ويا آهن. هنن ٻڌايو ته ڌماڪن سبب 2 مهينا اڳ 3 پورهيت ۽ 8 سالن ۾ 5 کان 7 پورهيت فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 30 کان 40 پورهيت زخمي به ٿيا آهن. هنن ٻڌايو ته ڌماڪن ۾ پوليس ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ساٿاري بڻيل آهي ان ڪري انهن خلاف ڪو به قدم نٿو کنيو وڃي.