حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سول اسپتال مان اغوا ٿيل نينگر سانگهڙ ۾ بازياب ٿي ويو، 6 ورهين جي حيدر کي اغوا ڪندڙ عورت سوڌو 2 جوابدار به گرفتار ڪيا ويا
پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر اسپتال ٻاهران روئي رهيو هو ته جوابدار کيس ورغلائي اغوا ڪري ويا، نينگر کي موٽر سائيڪل تي اغوا ڪرڻ جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون آيا هئا
پوليس موجب جاچ دوران خبر پوڻ تي سانگهڙ ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، نينگر کي وارثن حوالي ڪري گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو