حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي قيادت حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر سميت ٽائونز جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي نالن جو حتمي فيصلو ڪري نه سگهي آهي. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر لاءِ ڊاڪٽر عرفان گل مگسي ۽ ڪاشف شورو وچ ۾ مقابلي جي ڊوڙ تيز ٿي وئي آهي
ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٽائونز جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪراچي ۾ پارٽي جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر، صوبائي صدر نثار کهڙو، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ڄام خان شورو، سينيٽر مولابخش چانڊيو، ايم پي اي عبدالجبار خان، پ پ حيدرآباد جو صدر صغير قريشي، پ پ ٻهراڙي جو صدر پير امجد شاهه جيلاني، سيد علي نواز شاهه، ڊاڪٽر عرفان گل مگسي، علي محمد سهتو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا
ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر جي نالن تي ڊاڪٽر عرفان گل مگسي ۽ ڪاشف شورو جي نالن تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب فيصلو نه ٿي سگهڻ جي ڪري ٻئي نالا پ پ چيئرمين کي موڪليا ويندا. ڊپٽي ميئر جي لاءِ صغير قريشي، آفتاب خانزادي ۽ جاني آرائين جي نالن تي غور ڪيو ويو
حسين آباد ٽائون تي پ پ سينيٽر مولابخش چانڊيو جي پٽ عمير چانڊيو ۽ ايم پي اي عبدالجبار خان جي پٽ فيصل جبار جا نالا ويچار هيٺ آيا. نيرون ڪوٽ لاءِ شاهزيب شيرواڻي ۽ منٺار جتوئي، سچل سرمست ٽائون لاءِ پ پ حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري علي محمد سهتو ۽ دائود خان پٺاڻ جي پٽ راج ولي جا نالا غور هيٺ آيا
قاسم آباد ٽائون تي فيصلي جو اختيار ڄام خان شورو ۽ ٽنڊو ڄام توڙي ٽنڊو فضل ٽائونز تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي نالن کي حتمي شڪل جو اختيار صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ، پير امجد شاهه جيلاني ۽ مير شير محمد خان ٽالپر کي ڏنو ويو
پريٽ آباد ٽائون ۽ لطيف آباد ٽائون ۾ پ پ جي اڪثريت نه هجڻ جي ڪري اتي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي نالن تي غور نه ڪيو ويو. ايڇ ايم سي جي ميئر لاءِ پ پ حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري علي محمد سهتو به پاڻ کي اميدوار طور سامهون آندو