حيدرآباد  جي نوراني بستي ۾ منهن ماري بعد فائرنگ، 2 اڳوڻا ايم ڪيو ايم ڪارڪن قتل، ڇڪتاڻ

حيدرآباد  جي نوراني بستي ۾ منهن ماري بعد فائرنگ، 2 اڳوڻا ايم ڪيو ايم ڪارڪن قتل، ڇڪتاڻ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي نوراني بستي ۾ ايم ڪيو  ايم ڪارڪنن ۾ ٿيل منهن ماري کانپوءِ گوليون هلي ويون، فائرنگ ۾ 2 اڳوڻا ڪارڪن مارجي ويا، علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي،  اطلاع تي پوليس وڏي نفري سان واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڏني مارجي ويلن جي سڃاڻپ زبير  زبي ۽ آصف عرف چيمه جي نالن طور ٿي آهي. پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار هٿياربند آيا ۽ فائرنگ ڪئي شروعاتي طور تي واقعو دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي اوچتي فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڇانئجي ويو، مقتولن جي وارثن الزام ھنيو ته واقعي ۾ ايم ڪيو ايم جي ھڪ ايم پي اي جو ھٿ آھي ڪجهھ ڏينهن اڳ مقتولن نوراني بستي ۾ شھيدن جو چوڪ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان تڪرار ٿيو اسان جي نوجوانن کي ايم پي اي ناصر قريشي مارايو آھي ذريعن موجب نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل زبير عرف زبي ۽ آصف چيما  ٻئي ڄڻا ايم ڪيو ايم جا اڳوڻا ڪارڪن هئا ٻه ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل ٻنهي ڄڻن جي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان نوراني بستي ۾ شهداءِ چوڪ ٺاهڻ تي منهن ماري پڻ ٿي هئي
 

وارثن جو ايم پي اي تي الزام، لاش رکي ڌرڻو

حيدرآباد: نوراني بستي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٻن ڄڻن مان مقتول زبير قريشي جي ڀاءُ مزمل قريشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي ڀاءُ ۽ سندس دوست آصف غوري ٽي ڏينهن اڳ مصطفي پارڪ ۽ ايڪسپو سينٽر وٽ شھيد فوجي اھلڪارن جي نالي سان چؤڪي ٺاھي جنهن کانپوءِ ايم پي اي ناصر قريشي جي مائٽن انھن کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ واقعي وقت 8 کان ڄڻا موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي آيا جن انڌا دھند فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ منھنجي ڀاءُ کي 15 کان مٿي  تي گوليون لڳيون ۽ سندس دوست به موقعي تي دم ڏنو واقعي بعد پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ته ھنن سول اسپتال ٻاھران لاش رکي ڌرڻو ھنيو جن پوليس انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو واقعي بابت الزام هيٺ آيل متحده ايم پي اي ناصر قريشي جو چوڻ هو ته واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪئي وڃي ۽ جيڪي به واقعي ۾ ملوث آھن انھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول زبير قريشي قتل ڪيس ۾ 15 سال جيل ۾ رھيو ۽ ڪجھ وقت اڳ ھو جيل مان آزاد ٿيو ھو انڪري
 

واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، پوليس هڪ شڪي پڪڙي ورتو
 

حيدرآباد: ڄاڻايل واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو  ٻڌايو پيو وڃي، ذريعن مطابق واقعي جو ڪيس اڃا داخل نه ٿي سگھيو آهي پر پوليس ڪارروائي ڪندي ھڪ شڪي ماڻهو کي گرفتار پڻ ڪيو آهي