حيدرآباد جي چئنل موري وٽ ڪار واهه ۾ ڪري پئي 2 ڄڻا ٻڏي ويا
جُون 28, 2025
حيدرآباد (پنهنجي ڊيسڪ )حيدرآباد ڀرسان ڪار واهه ۾ ڪري پئي، 2 ڄڻا ٻڏي ويا آهن.
اکين ڏٺي شاهدن جو چوڻ آهي ته هڪ ڪلٽس ڪار ۾ هڪ وڏي عمر جو ماڻهو ۽ 1 ٻار سوار هو
واقعو چئنل موري وٽ پيش آيو آهي، انتظاميا جو چوڻ آهي ريسڪيو ٽيم حيدرآباد مان پهچي وئي آهي.
موقعي تي موجود ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪار حيدرآباد مان هوسڙي طرف وڃي رهي هئي، برسات سبب واهه جا ڪنارا پسيل هئا، گاڏي سلپ ٿي پاڻي ۾ ڪري پئي آهي.
امام الدين ۽ سندس معصوم اسپتال منتقل
حيدرآباد ڀرسان واهه ۾ ڪريل ڪار کي مقامي ماڻهن ۽ ريسڪيو 112 جي رضاڪارن ڪڍي ورتو آهي، جڏهن ته ڪار ۾ ٻه ڄڻا سوار هئا، ڪار مان هٿ آيل جي سڃاڻپ امام الدين ۽ سندس معصوم پٽ طور ٿي آهي، جن کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ريسڪيو 1122 جي گاڏي پهچي ڪار کي پاڻي مان ڪڍيو آهي.