حيدرآباد جي کدڙا فقيرن جو شرعي عدالت جو فيصلو مڃڻ کان انڪار

مَي 22, 2023

حيدرآباد(بيورورپورٽ) حيدرآباد جي ٽرانسجينڊر ڪميونٽي ٽرانسجينڊر بل 2018ع ۾ ٻيهر ترميم خلاف احتجاج ڪرڻ سان گڏ عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

حيدرآباد پريس ڪلب ۾ خواجه سرا ڪمنيوٽي اڳواڻ ميري خان, ثناِ خان عورت تنظيمين جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو ته بل جي شق نمبر 3 ۽ 7 کي تبديل ڪرڻ کان اڳ اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو

هنن چيو ته اسان کي وفاقي شرعي ڪورٽ جو فيصلو قبول ناهي 2018ع ۾ بل سمورين سياسي پارٽين جي راءِ سان آندو ويو هو

اڳواڻن چيو ته ان فيصلي سان خواجه سرائن جا حق پامال ٿيندا ان لاءِ فيصلو واپس ورتو وڃي

هنن چيو ته بل خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندڙ سينيٽر مشتاق خواجه سرائڻ خلاف غيراخلاقي ٻولي ڳالهائي جنهن سان دل آزاري ٿي

پريس ڪانفرنس ڪندڙن چيو ته اسان به انسان آهيون سمورا حق ڏئي احساس محرومي ختم ڪئي وڃي

ٽرانسجينڊر جي اڳواڻن چيو ته بل ۾ ترميم خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو اسان عدالت جو دروازو به کڙڪائينداسين

Leave A Comment