حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سول اسپتال جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايڊمن عبدالستار جتوئي عهدو ڇڏڻ باوجود 3 گاڏيون واپس نه ڪيون
عبدالستار جتوئي کي سکر هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد 3 مارچ 2023ع تي صحت کاتي سول اسپتال مان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو
چار مهينا گذرڻ باوجود اڳوڻي ڊائريڪٽر ايڊمن پاران گاڏيون واپس نه ڪرڻ تي اسپتال جي ايم ايس سيڪريٽري صحت کي خط لکي ڇڏيو
ايم ايس ڊاڪٽر شاهد اسلام جوڻيجو پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته سول اسپتال جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن اڪائونٽس اينڊ ڊولپمينٽ وٽ 2 جي ايل آءِ ڪارون ۽ هڪ بولان گاڏي موجود آهي
سندس چوڻ هو ته گاڏين جي واپسي لاءِ 8 مئي 2023ع تي به اڳوڻي ڊائريڪٽر ايڊمن کي خط لکيو هو پر هن گاڏيون واپس ناهن ڪيون ان ڪري ٻيهر سيڪريٽري کي خط لکيو آهي