| حيدرآباد سکر موٽروي جا 2 سيڪشن تعمير ٿيندا: ايشيائي بينڪ جي فنڊنگ، معاهدو ٿي ويو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وچ ۾ اهم معاهدو طئي ٿي ويو. ايم 6 حيدرآباد کان سکر موٽروي جا ٻه سيڪشن پي پي پي ماڊل تحت تعمير ڪيا ويندا. ڪُنٽري ڊائريڪٽر ايما فين ۽ اين ايڇ اي ميمبر اعجاز احمد معاهدي تي صحيح ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي مطابق منصوبو اتر ڏکڻ هاءِ اسپيڊ روڊ نيٽ ورڪ جي اهم خال کي پورو ڪندو، موٽروي سان سفر جو وقت گهٽجڻ ۽ لاجسٽڪس نظام بهتر ٿيڻ جي اميد آهي. ملڪ ۾ واپار ۽ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ملندو. اي ڊي بي هن منصوبي لاءِ مشاورتي مدد فراهم ڪندو. جنهن ۾ فزيبلٽي اسٽڊيز، پي پي پي ڍانچي جي جوڙجڪ ۽ شفاف خريداري جو عمل شامل آهي. منصوبي تحت 120 ڪلوميٽر ڊگهي ڇهه لين موٽروي تعمير ڪئي ويندي. جنهن ۾ جديد ٽولنگ، ٽريفڪ مئنيجمينٽ ۽ حفاظتي نظام شامل هوندا. منصوبو پشاور کان ڪراچي موٽروي ڪوريڊور جي مڪمل ٿيڻ ڏانهن اهم اڳڀرائي آهي.