حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 جي عدالت اڳوڻي يوسي چيئرمين ڪامل شاهه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي احمد بروهي کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي
هٽڙي پوليس گذريل ڏينهن واقعي ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڏوهه ۾ استعمال ٿيل ٽي ٽي پستول به هٿ ڪيو هو. پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري سندس اعترافي بيان بابت آگاهي ڏني
جنهن تي عدالت جسماني رمانڊ منظور ڪرڻ بدران جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. 3 مهينا اڳ اڳوڻي يوسي چيئرمين ڪامل شاهه کي جوابدار علي احمد بروهي ساٿي يونس جتوئي سان گڏجي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو
12 اپريل 2023ع تي قتل ٿيل اڳوڻي يوسي چيئرمين جو ڪيس 13 اپريل تي سندس ڀاءُ سليم شاهه جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. هٽڙي پوليس جو چوڻ آهي ته انهن واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج هٿ ڪري جوابدار يونس جتوئي کي 13 جولاءِ تي گرفتار ڪيو
پر هو 18 جولاءِ تي ٿاڻي جي لاڪ اپ مان فرار ٿي ويو آهي جنهن جي پڻ ڳولا ڪئي پئي وڃي