حيدرآباد عدالت پاران شهري کي کنڀي رشوت وٺندڙ 3 ڄڻن جي گرفتاري جو حڪم

آگسٽ 11, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 11 جي عدالت حالي روڊ جي رهواسي کي کنڀي

زال کان آزادي لاءِ هڪ لک رپيا رقم وٺڻ خلاف داخل درخواست تي حالي روڊ ٿاڻي جي اهلڪار ۽ بي سيڪشن تي مقرر پرائيويٽ بيٽر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ايس ايڇ او کي حڪم ڏنو آهي

 ته 17 آگسٽ تي ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. حالي روڊ جي آمريڪن ڪوارٽر جي رهواسي عمر رحمان پٺاڻ وڪيل عرفان اعواڻ معرفت سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 11 جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي

درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته عيدالضحيٰ جي ٻئي ڏينهن کيس مڪي شاهه ٿاڻي جي حد مان حالي روڊ ٿاڻي جي اهلڪارن زاهد پليجو، جهانزيب ۽ پرائيويٽ بيٽر علي راڻا کنڀي بي سيڪشن ٿاڻي تي منتقل ڪيو ۽ 24 ڪلاڪ قيد ۾ رکي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو

بعد ۾ اهلڪارن گهرواري سان فون تي ڳالهرائي کانئس هڪ لک رپيا رقم ادا ڪرڻ جو چيو هو جيڪا رقم ڄاڻايل اهلڪار پاڻ سندس گهران کڻي ويا. ان کانپوءِ ڌمڪي ڏئي آزاد ڪيو ويو ته هو معاملي بابت ڪنهن سان به ڪا ڳالهه نه ڪندو

وڪيل جو چوڻ آهي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت جي جج سيد آندل شاه ٻن پوليس اهلڪارن سميت ٽنهي ڄڻن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا هئا پر زاهد پليجو ضمانت ڪرائي عدالت ۾ پيش ٿيو

جڏهن ته اهلڪار جهانزيب ۽ پرائيويٽ بيٽر علي راڻا پيش نه ٿيا جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندن ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي ايس ايس پي کي حڪم ڏنو آهي ته هو ايس ايڇ او حالي روڊ کي پابند بڻائي ته ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪري

Leave A Comment