حيدرآباد فائنل ۾ پهچي وئي، اسلام آباد کي سنسني خيز مقابلي بعد شڪست

حيدرآباد فائنل ۾ پهچي وئي، اسلام آباد کي سنسني خيز مقابلي بعد شڪست

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پي ايس ايل 11 سيزن جي ٻئي ايليمينيٽر ۾ حيدرآباد ڪنگزمين سنسني خيز مقابلي بعد اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 2 رنز تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ميچ ٿي، اسلام آباد ٽاس کٽي حيدرآباد کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني، حيدرآباد مقرر 20 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 186 اسڪور ٺاهيو، عثمان خان 61 رنز ڪيون، ڪپتان مارنوس ليبوشين 39، صائم ايوب 38، ڪوشال پريرا 37 رنز جي اننگز کيڏي، جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورز ۾ 187 جي مقابلي ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 184 اسڪور ٺاهي سگهي، مارڪ چيمپين 43، حيدر علي 31، ڊيون ڪونوي 30، شاداب خان 22، ڪرس گرين 21 اسڪور ٺاهيو.حيدرآباد جي فاسٽ بالر حنين شاهه آخري اوور ۾ 6 جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو ۽ پنهنجي ٽيم کي فائنل ۾ پهچايو، حنين شاهه ۽ محمد علي 2-2 وڪيٽون ورتيون، حسان خان، صائم ايوب، عاڪف جاويد 1-1 وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته آچر تي پشاور زلمي ۽ حيدرآباد ڪنگز مين وچ ۾ فائنل لاهور ۾ کيڏيو ويندو.