| حيدرآباد فيڪٽري ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت، انگ 11 ٿي ويو |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) لطيف آباد نمبر 10 ۾ ڦٽاڪن جي فيڪٽري ۾ باھه ۽ ڌماڪي جي فوتين جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي، ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل انس ولد حافظ عبدالسلام زخمن جا سور نه سگھندي حياتي وڃائي ويٺو، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي.