حيدرآباد لڳ نينگر تي تشدد ڪندڙ 2 ڄڻا گرفتار

مَي 29, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد لڳ نينگر کي چوري جي الزام هيٺ تشدد ڪرڻ ۽ پوليس کي ڏيڻ واري معاملي تي ٻن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري سندن گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

 ھوسڙي جي ڳوٺ حسين بخش رند جي رهواسي نينگر سمير سولنگي تي هڪ ڏينهن اڳ انبڙيون چوري ڪرڻ جي الزام تان بااثر ماڻهن پاران تشدد ڪري پوليس حوالي ڪيو هو.

پوليس نينگر جي ڀاءُ شهريار سولنگي جي فرياد تي ٻن ڀائرن تي داخل ڪيو آهي.

پوليس تشدد ڪندڙ محرم ۽ سندس ڀاءُ مرتضيٰ کي انهن گرفتار ڪري ورتو آهي.

Leave A Comment