حيدرآباد: ماسترياڻي پاران اغوا ڪيل 3 ٻارڙا ڪراچي مان بازياب

ڊسمبر 16, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد مان ماسترياڻي پاران اغوا ڪيل 3 ٻارڙا ڪراچي مان بازياب ٿي ويا

قاسم آباد جي ڳوٺ ٻڍو پالاري مان ٽيوشن پڙهائيندڙ ماسترياڻي پاران ٻن ڀينرن سميت 3 ٻارن کي اغوا ڪرڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي

ايس ايس پي پاران جوڙيل ٽيم ٻارن کي ڪراچي مان بازياب ڪرائي ورتو، ماسترياڻي سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن ۽ ٻارن کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو

13 ڊسمبر تي 4 ورهين جي علشبه، سندس ڀيڻ 5ورهين جي بشرا ۽ سئوٽ 5ورهين جي حسنين عالماڻي کي ماسترياڻي اغوا ڪيو هو

سي سي ٽي وي فٽيجز ۾  ماسترياڻي واضح طور ٽنهي ٻارن سان گڏ نظر اچي رهي آهي

ماسترياڻي ٻارن کي هٽڙي باءِ پاس وٽ قائم پلازه ۾ رات ترسايو، صبح جو سهولتڪارن معرفت ڪراچي کڻي رواني ٿي وئي

ايس ايس پي امجد احمد شيخ معاملي جو نوٽيس وٺندي پوليس کي فوري طور ٻار بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو

رات دير سان پوليس ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي ٻارن کي بازياب ڪرايو

پوليس ذريعن موجب نادر نالي شخص کي ٽيوشن پڙهائيندڙ ماسترياڻي ۽ هڪ ٻي عورت سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي

نسيم نگر پوليس ٻارن جي اغوا جو ڪيس امام الدين جي عالماڻي جي فرياد تي داخل ڪري ڇڏيو

ذريعن موجب ٻارن جي بازيابي جي حوالي سان پوليس عملدار اڄ ڪنهن به وقت پريس ڪانفرنس ڪندا

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • سون سستو ٿي ويو