حيدرآباد مان مبينا 3 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

جُولاءِ 1, 2025

حيدرآباد (پنهنجي ڊيسڪ)حيدرآباد ۾ سي ٽي ڊي پوليس جي مبينا ڪاروائي، ٽن ڄڻن کي 5 ڪلو وزندار بم سميت 3 جوابدارگرفتار ڪرڻ جي دعويٰ.

سي ٽي ڊي پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ سارنگ عرف سهيل ميراڻي، مهراڻ ميراڻي ۽ هالار چانگ شامل آهن، گرفتار ٿيل جوابدارن جي هڪ پابندي مڙهيل تنظيم تعلق سان آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدارن کي نيو لنڪ روڊ شهمير شورو ڳوٺ گرڊ اسٽيشن قاسم آباد ڀرسان گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار  سنگين ۽ حيدرآباد سميت سجاول توڙي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ڪريڪر ڌماڪن ۽ گارگو گاڏين تي فائرنگ جي ڪيسن ۾ گهربل آهن.

گرفتار جوابدار هڪ بلوچ عليحدگي پسند تنظيم سان سلهاڙيل آهن، جيڪا غيرملڪي ايجنسين جي اشاري تي دهشتگردي جي فنڊ ذريعي پوليس، رينجرز ۽ غير سنڌين کي نشانو بنائيندي رهي آهي، جوابدارن وٽان 5 ڪلو وزني بم، 3هينڊ گرنيڊ، پستول ۽ ٽارگيٽ لسٽ به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

جوابدارن جي نسيم نگر پوليس پوسٽ، 15 چوڪي تي هينڊ گرنيڊ ڌماڪن سميت 6 مختلف سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل آهن، گرفتار ٿيلن مٿان سي ٽي ڊي ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ هيٺ مختلف قلمن تحت وڌيڪ ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل