حيدرآباد مان گم ٿيل وڪيل آچر جلباڻي پراسرار نموني بازياب

آگسٽ 9, 2023

حيدرآباد(بيورو رپورٽ)  حيدرآباد مان 6 ڏينهن اڳ گم ٿيل وڪيل محمد آچر جلباڻي پراسرار نموني بازياب ٿي ويو آهي ، وڪيلن پاران بازيابي جي تصديق ڪندي سوشل ميڊيا تي سندس تصويرون به شيئر ڪري ڇڏيون

وڪيل محمد آچر جلباڻي 2 آگسٽ تي عدالت مان ڪيسن جي پيروي ڪري جي او آر ٿاڻي کان وڃي رهيو هو ته ڪار سميت گم ٿيو

وڪيل جي پراسرار گمشدگي بعد وڪيل سراپا احتجاج بڻجي ويا. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر جي بازيابي لاءِ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران ٺهراءُ پاس ڪري عدالت ۾ ٽوڪن هڙتال شروع ڪئي وئي هئي

سنڌ بار ڪائونسل واقعي جي مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وڪيل کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.

پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين هارون رشيد ۽ ٻين پاران جاري پڌرائي ۾ به پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو هو ته وڪيل کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي

Leave A Comment