حيدرآباد موٽروي اسڪينڊل: سو ا ارب جون ملڪيتون سرڪار حوالي: نيب خلاف پٽيشن رد

حيدرآباد موٽروي اسڪينڊل: سو ا ارب جون ملڪيتون سرڪار حوالي: نيب خلاف پٽيشن رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءَ ڪورٽ  پلي بارگين ۾ سرينڊر ڪيل پراپرٽي جي ملڪيتي تڪرار بابت نيب جي نوٽيس خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي, درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نيب پاران کين غيرقانوني نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، نيب پاران درخواستگذار کي پراپرٽي حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، وڪيل چيو ته ملڪيت مرحوم ڊاڪٽر نديم اڪبر جي آهي، جيڪو ڪنهن به ريفرنس ۾ جوابدار نه هو، انهي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته حيدرآباد موٽروي منصوبي جي فنڊن ۾ گهوٻين ذريعي حاصل ڪيل رقم مان ڄاڻايل ملڪيت خريد ڪئي وئي، جوابدار اشتياق حسين جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪندي هڪ ارب 24 ڪروڙ جي ماليت جي ملڪيت حڪومت جي حق ۾سرنڊر ڪئي، عدالت چيو ته مرحوم ڊاڪٽر نديم اڪبر جاچ دوران گهر جوابدار کي وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو، مرحوم پاران ڪنهن به مرحلي ۾ منجمندي جي حڪم يا پلي بارگين جي عمل کي چيلنج نه ڪيو، مرحوم پاڻ رقم وصول ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، تنهن ڪري وارث ملڪيت تي ڪا به دعوي’ نٿا ڪري سگهن، نيب جا نوٽيس احتساب ۾ ڪنهن به غيرقانوني عمل جو عنصر ثابت ناهن ٿيا.