ڪوٽڙي (رپوٽر)25 ڏينهن اڳ نوري آباد لڳ حيدرآباد واسڻ عورت جي هٿ آيل تشدد ٿيل لاش بابت انڪشاف ٿيو آهي
ته کيس گارڊن شو مارڪيٽ ڪراچي جي رهواسي سندس مائٽن ملڪيت ڦٻائڻ لاء قتل ڪري سندس لاش ڪار ۾ کڻي نوري آباد لڳ ڦٽو ڪري ڇڏيو. نوري آباد پوليس پنجويھن ڏينهن کان پوءِ قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن رضوان ۽ افتخار کي گرفتار ڪري ورتو
پوليس موجب گرفتار جوابدارن ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي ڄامشورو موجب قتل ٿيل عورت جي فنگر پرنٽس وٺي نادرا جي مدد سان ۽ جديد ٽريسنگ سسٽم ذريع سندس خاندان تائين پهچي
خفيه جاچ ڪري اصل جوابدارن تائين پهتاسين، ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ايم نائن موٽر وي وٽان هٿ آيل لاش واري واقعي جي مسلسل جاچ کانپوءِ عورت جي قتل جو معاملو حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون
هن موجب قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيندڙ ڪار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ملوث جوابداين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جاچ دوران جوابدارن ڏوھ قبول پڻ ڪري ورتو آهي
جوابدارن خلاف نوري آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. معلوم ٿيو آهي ته ملڪيت تي قبضي سبب عورت کي سندس ويجهن عزيزن قتل ڪيو هيو. ياد رهي ته پنج جولاء تي نوري آباد ويجهو عورت جي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ڪراچي واسڻ ياسمين زال محمد قاسم طور ڪئي وئي هئي
جيڪا ريشم گلي حيدرآباد جي رهواسڻ هئي جڏهن ته جوابدار ڪراچي جا رهواسي آهن جيڪي سندس ويجها عزيز ٻڌايا پيا وڃن