حيدرآباد(رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ويجهو قتل ٿيل نشا ڪولهي سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي 6 جوابدارن جا سيمپل ليباريٽري اماڻيا ويا
ڳوٺ قائم ٻٻر مبينا زيادتي بعد قتل ٿيل نينگري نشا ڪولهي سان ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق ٿيڻ بعد 6 شڪي ماڻهن جا سيمپل وٺي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اماڻيا آهن
پٻڻ پوليس موجب ڪيس ۾ نامزد گرفتار ذوالفقار ڏهوٽ, زاهد خاصخيلي ۽ عمر پٺاڻ سميت ٽنهي جوابدارن جا عيد جي موڪلن بعد ڊي اين اي لاءِ سيمپل ورتا ويندا
21 جون تي 14 ورهين جي نينگري نشا ڌيءِ والجي ڪولهي جو گهر ڀرسان انبن جي باغ مان لاش مليو هو، نينگري جي والد ڄاڻايو ته گهر ۾ نشا گرمي سبب ننڍن ٻارن کي نبو ڀرڳڙي جي انبن واري باغ ۾ وڻن جي ڇانوَ جي آسري تي وٺي وئي جنهن بعد انب جي وڻ هيٺان کين فوتي حالت ملي
سندس چوڻ هو ته واقعي بابت هن زميندار ذوالفقار ڏهوٽ کي آگاهي ڏني جنهن کيس روڪيو ته پوليس کي معاملي بابت آگاهه نه ڪيو وڃي، جنهن بعد کين شڪ ٿيو ۽ نياڻي جو لاش عورتن ڏسي ٻڌايو ته ساڻس زيادتي ٿيل آهي
هن ٻڌايو ته 22 جون تي پوليس کي اطلاع ڏئي هن نياڻي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جتي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ميڊيڪو ليگل شعبي جي ڊاڪٽرياڻي تصديق ڪئي ته نشا سان زيادتي ٿي آهي
پوليس نينگري جي والد والجي جي فرياد تي زميندار ذوالفقار ڏهوٽ، زاهد خاصخيلي، عمر پٺاڻ ۽ ڪجهه نامعلوم ماڻهن خلاف نشا سان زنا ڪري کيس قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري 3 ڄڻا گرفتار ڪيا آهن
گرفتار جوابدارن کي گذريل ڏينهن لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو ويو