حيدرآباد ويجھو سرن جي بٺي تان 16 پورهيت بازياب

حيدرآباد ويجھو سرن جي بٺي تان 16 پورهيت بازياب

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پٻڻ ٿاڻي جي حد ۾ سرن جي بٺي تان عدالتي حڪم تي 12 عورتن سميت 16 ڄڻا بازياب ڪرايا ويا آھن ايڊيشنل سيشن جج 8 جي عدالت بازياب ڪرايل سمورن کي مرضي سان زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي عدالت ٽي ڏينهن اڳ عزيز ماڇي طرفان داخل ڪرايل درخواست تي پوليس کي سخت ھدايت جاري ڪئي عدالتي حڪم تي پوليس خير الله پٺاڻ نالي شخص جي سرن جي بٺي تي ڇاپو ھڻي سمورن کي بازياب ڪرائي ورتو بازياب ڪرايلن ۾ شبانا ، بشير ، ساران ، رضوانا ،، روزينا ، سڪندر معشوق ، ليلا سميت ٻيا شامل آهن بازياب ڪرايل سمورن عورتن ۽ مردن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت سمورن کي پنهنجي مرضيء سان زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي