حيدرآباد يا پشاور ! پي ايس ايل 11 جو چيمپئن ڪير؟  فيصلو اڄ ٿيندو: لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ تياريون مڪمل

حيدرآباد يا پشاور ! پي ايس ايل 11 جو چيمپئن ڪير؟  فيصلو اڄ ٿيندو: لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ تياريون مڪمل

لاهور (اسپورٽس نيوز) حيدرآباد ڪنگزمين ۽ پشاور زلمي مان پي ايس ايل 11 جو چيئمپين ڪير ٿيندو؟  فيصلائتي ميچ اڄ ٿيندي، لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ تياريون مڪمل  ڪيون ويون. تفصيل موجب پي ايس ايل سيزن 11 جي فائنل ميچ اڄ شام 7 وڳي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، حيدرآباد ڪنگزمين ۽ پشاور زلمي ۾ سخت مقابلي جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن، پشاور زلمي ٽورنامينٽ ۾ ڪابه ميچ نه هارائي فائنل ۾ پهتي آهي جڏهن ته حيدرآباد ڪنگزمين شروعاتي 4 ميچ هارائڻ بعد پلي آف ۾ پهچڻ کانپوءِ ٻنهي ايليمينٽر ۾ نئين رڌم سان ڪاميابي ماڻي مقابلي لاءِ تيار  آهي. ٻئي طرف فائنل ميچ جا سمورا ٽڪيٽ اڳ ۾ ئي وڪرو ٿي چڪا آهن امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اڄ وڏي انگ ۾ تماشائي ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم جو رخ ڪندا، هوڏانهن قذافي اسٽيڊيم ۾ ميچ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت هوندا  جڏهن ته تماشائين لاءِ ٽريفڪ پلان به جاري ڪيو ويو آهي. پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ڪنگزمين جي ڪمزورين تي نظر آهي، فائنل کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين  جڏهن ته حيدرآباد ڪنگزمين جي ڪپتان مارنس لبوشين چيو آهي ته رانديگرن کي پلان ڏئي ڇڏيو آهي، ڪاميابي لاءِ پر اميد آهيون.