حيدرآباد: يوسي چيئرمين جي قتل ڪيس جو جوابدار لاڪ اپ مان فرار

جُولاءِ 18, 2023

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ اڳوڻي يوسي چيئرمين ڪامل شاهه جي قتل ۾ گرفتار ٿيل جوابدار لاڪ اپ مان فرار ٿي ويو

هٽڙي ٿاڻي جي لاڪپ مان قتل ڪيس جو جوابدار فرار ٿي ويو ، 13 جولاءِ تي پوليس اڳوڻي يوسي چيئرمين ڪامل شاهه جي قتل ڪيس ۾ جوابدار يونس جتوئي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي

ذريعن موجب جوابدار پوليس وٽ 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي هو جيڪو رات 2 وڳي ڌاري لاڪپ مان فرار ٿي ويو

ايس ايڇ او هٽڙي ڪاشف گاڏهي جي فرياد تي ڊيوٽي تي موجود اي ايس آءِ علي احمد سولنگي ۽ اهلڪار نورالامين تي لاپرواهي جو ڪيس داخل ڪري اي ايس آءِ ۽ اهلڪار  کي حراست ۾ ورتو ويو

12 اپريل 2023ع تي اڳوڻي يوسي چيئرمين سيد ذوالفقار شاهه عرف ڪامل شاهه کي موٽر سائيڪل تي سوار 2 اڻڄاتل ماڻهن قتل ڪيو هو، 13 اپريل تي سندس ڀاءُ سليم شاهه جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ٿيو

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت