حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي شاهه لطيف ٽائون ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، 2 ٻار ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي
پوليس موجب چانڊيا ۽ سومرو برادر جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نذير سومرو ٿڏي تي مارجي ويو
گوليون لڳڻ سبب مسمات پروين ۽ 2 ٻار مسڪان ۽ ساجد زخمي ٿي پيا، مقتول جو لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا، واقعي بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي