حيدرآباد ٻهراڙي جي وڌيڪ 125 اميدوارن کي پي ايس ٽي آرڊر ڏيڻ جو فيصلو

جُون 23, 2023

ٽنڊو ڄام(رپورٽ: مبين مگسي) تعليم کاتي حيدرآباد آئي بي اي پاس تعلقي ٻهراڙي جي انتطار ۾ ويٺل وڌيڪ 125 اميدوارن کي پي ايس ٽي جا آرڊر ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ذريعن موجب صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ڪوششن سان انتظار ۾ ويٺل 110 مرد ۽ 15 فيميل استادن جون سيٽون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو

تعليم کاتي جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته تعلقي ٻهراڙي جا اهي اميدوار پرائمري استاد مقرر ٿيندا، جن جون 49 کان 45 تائين مارڪون آهن

 صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پڻ سندس تڪ پي ايس 63 ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ليٽرپيڊ ذريعي وڏي وزير کي ايس اين اي منظور ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي

هوڏانهن ويٽننگ اميدوارن صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، پ ٽ الف سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس اين اي جون وڌيڪ سيٽون منظور ڪرائي رهجي ويل ويٽننگ اميدوارن کي جلد کان جلد سيٽون ڏياريون وڃن

Leave A Comment