حيدرآباد: پاڻ کي ڊاڪٽر ظاهر ڪري پئسا وٺندڙ گرفتار

جُون 16, 2025

حيدرآباد (پنهنجي ڊيسڪ )حيدرآباد ۾ پوليس پاران پاڻ کي سول اسپتال جو ڊاڪٽر ظاهر ڪري مريضن کان پئسا وٺندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، سول اسپتال مان جعلي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ورتو، سندس سڃاڻپ علي بخش پٽ امير بخش طور ٿي آهي، ان موقعي تي  پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار پاڻ کي سول اسپتال جو ڊاڪٽر ظاهر ڪري مريضن کان پئسا وٺندو هو، وٽس ڪا به ڊگري ناهي،  پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار اعتراف ڪيو ته هو پاڻ کي ڊاڪٽر ظاهر ڪري ڪيترن ئي ڏينهن کان اسپتال ايندڙ مريضن کان پئسا وٺندو رهيوآهي،گرفتار جوابدار خلاف مارڪيٽ پوليس پاران ڪيس داخل ڪيو ويو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت