حيدرآباد پوليس جي نااهلي: ڇاپي دوران جوابدارن جي نشاندهي لاءِ آندل فريادي سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

مارچ 19, 2025

حيدرآباد(بيورو رپورٽ + مانيٽرنگ ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ پوليس جي نااهلي سبب ڇاپي دوران جوابدارن جي نشاندهي لاءِ آندل فريادي سميت 2 ڄڻا مارجي ويا. حيدرآباد جي حالي روڊ واري علائقي ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپو هنيو ته ان دوران فائرنگ ٿي  پئي، سبب ڏوھارين جي سڃاڻپ لاءِ ويل فريادي سميت 2 ڄڻا مارجي ويا جڏھن ته اي ايس آءِ  سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي واقعي ۾ سلمان پٺاڻ، واٽھڙو رضوان آرائين ۽ پوليس اهلڪار صداقت زخمي ٻڌايا پيا وڃن. پوليس مطابق 2 ڏينهن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ٻن گروپن ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ھو جنھن ۾ ملوث ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ پوليس پارٽي پھتي ته ڏوھارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ فريادي مختيار کوسو ۽ سلمان پٺاڻ مارجي ويا جڏهن ته پوليس جو اي ايس آءِ صداقت زخمي ٿي پيا آهن . ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو بدين بس اسٽاپ وٽ پيش آيو پوليس ذريعن موجب بي سيڪشن پوليس هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ فريادي سان گڏ جوابدار گرفتار ڪرڻ وئي ته واقعو پيش آيو. ان ڏس ۾ ايس ايچ او بي سيڪشن جو چوڻ ھو ته هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ ويا هئاسين ته فائرنگ ٿي پئي، وڌيڪ صورتحال بابت بعد ۾ ٻڌايو ويندو. ھن جو چوڻ هو ته حملي ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻئي پاسي حالي روڊ پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي ڪا به خبر ڪانهي ته معاملو ڇا ٿيو آهي.

ٻه ڏينهن اڳ فائرنگ جو واقعو ٿيو، جنهن جي ڪيس ۾ مدثر، نعمت پٺاڻ ۽ قمر ڪشميري نامزد هئا

حيدرآباد: پوليس سان گڏ ويل فريادي سميت ٻن ڄڻن جي قتل واري معاملي بابت معلوم ٿيو آهي ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ٻه ڏينهن اڳ فائرنگ جو واقعو پيش آيو هو،  فائرنگ جي ان واقعي جي ايف آء آر مختيار کوسي نالي همراھ مدثر پٺاڻ، قمرالزمان ڪشميري،  نعمت الله پٺاڻ ۽ ٻين خلاف داخل ڪرائي هئي. بي سيڪشن پوليس فريادي کي ساڻ وٺي جوابدارن جي گرفتاري جي ڪوشش ڪئي ته فائرنگ ٿي پئي.

لاش اسپتال پهچڻ تي وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا، ڇڪتاڻ

حيدرآباد: پوليس سان گڏ ويل فريادي سميت ٻن ڄڻن جي قتل واري واقعي بعد لاش اسپتال پهچڻ تي ماڻهو وڏي انگ ۾ اسپتال پهتا، جنهن دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. ايس ايس پي عديل چانڊيو به اسپتال پهتو. هن ٻڌايو ته فريادي ٻڌايو ته جوابدار بيٺل آهن، انهن کي گرفتار ڪيو وڃي پوليس پهتي ته فائرنگ ٿي پئي، فائرنگ ۾ فريادي مارجي ويو.

Leave A Comment