| حيدرآباد پوليس جي وحشت جو شڪار نوجوانن جي ضمانت منظور، ٽئي آزاد |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس پاران ٽي ڏينهن قيد ۾ رکي نڪ ۾ چن وارو پاڻي وجھي ھٿوڙن سان گوڏا ڪٽڻ سميت جسم تي ڪرنٽ ھڻي بدترين تشدد ڪري مبينا مقابلي ۾ ھاف فراء ڪيل ٽن نوجوانن ضمانت منظور ڪري ورتي نارا جيل ۾ قيد ڄامشورو واسي ٽن نوجوانن اياز نوحاڻي ـ جنيد نوحاڻي ۽ سجاول گرگيز پنهنجي وڪيل ڪونڌر خان معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي درخواست داخل ڪرائي ھئي حيدرآباد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي عدالت 5 ڪيسن مان 3 جوابدارن جي 30، 30 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ٽنھي نوجوانن کي جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نارا جيل مان ٽئي نوجوان آزاد ٿي گهر پهچي ويا، وارثن ۾ خوشي جي لھر ڇائجي وئي