حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قاسم آباد ۾ ڊاڪٽر جي زال جو گهر مان لاش هٿ اچڻ وارو معاملو، ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي مختيار سولنگي معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو
شاهينا بروهي جي وارثن پاران جي آءِ ٽي تي بي اعتمادي جي اظهار ڪرڻ بعد ايس ايس پي نئين جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي، ايس ايس پي مختيار سولنگي وارثن جي اسرار تي ايس ايڇ او وومين بختاور زرداري کي جي آءِ ٽي مان هٽايو ويو
جي آءِ ٽي ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو، ڀٽائي نگر ٿاڻي جو ايس ايڇ او اصغر تنيو ۽ انچارج وومين پروٽيڪشن سيل انسپيڪٽر ريحانه لغاري کي ميمبر طور شامل ڪيا ويا
وارثن جي آءِ ٽي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي جي آءِ ٽي مان ايس ايڇ او بلديا اياز ٻگهيو ۽ وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او بختاور زرداري کي هٽائي فرض شناس عملدار مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو
واضح رهي ته 2 آگسٽ تي شاهينا جو لاش سندس مڙس ڊاڪٽر احمد علي زرداري جي گهر مان مليو هو، بلديا پوليس سندس والد محمد سليم بروهي جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو