حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جا 4 شعبا واسا حوالي، ايم ڊي اعتراض واري ڇڏيو

جُولاءِ 17, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چئن شعبن کي مالي بحران جي ورچڙهيل واسا جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهن سبب واسا ۾ وڌيڪ مالي بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي، اهي 4 شعبا واسا جي حوالي ڪرڻ تي ايم ڊي واسا پاران اعتراض به واريو ويو آهي پر ان جي باوجود ايڇ ڊي اي اختيارين اهي شعبا واپس نه ڪيا آهن

ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪي 4 شعبا ايڇ ڊي اي مان ڪڍي واسا حوالي ڪيا ويا آهن انهن ۾ پبليڪيشن ڊپارٽمينٽ، پبلڪ رليشن آفيسر برانچ، ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽينشن ڊپارٽمينٽ ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ شامل آهن

 ذريعن موجب پي آر او برانچ جي هڪ آفيسر ۽ 3 ماتحت آفيسرن، ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽينشن ڊپارٽمينٽ جي 5 آفيسرن، 14 ماتحت آفيسرن ۽ عملي، ڪميونٽي ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي 7 آفيسرن ۽ 12 ملازمن کي ايڇ ڊي اي مان ڪڍي واسا ڏانهن موڪليو ويو آهي. هاڻي انهن آفيسرن ۽ عملي جون پگهارون واسا کي ادا ڪرڻيون پونديون

 اهڙو انتظامي آرڊر ايڇ ڊي اي جي سيڪريٽري پاران جاري ڪيو ويو هو جنهن تي واسا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر انجم سعيد اعتراض واريندي انهن شعبن کي ٻيهر واسا جي حوالي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي پر ايڇ ڊي اي اختيارين اڃا تائين ان حوالي سان ڪو فيصلو نه ڪيو آهي جنهن جي ڪري واسا تي وڌيڪ مالي بار پوڻ جو خدشو آهي

 ايم ڊي واسا پنهنجي خط ۾ تجويز ڏني آهي ته جيڪڏهن انهن شعبن جي ايڇ ڊي اي کي ضرورت نه آهي ته اهي شعبا مڪمل طور بند ڪري انهن تي خرچ ٿيندڙ رقم کي بچايو وڃي ڇاڪاڻ ته واسا اڳ ئي پنهنجي ملازمن کي پگهارون ادا ڪرڻ واري حالت ۾ نه آهي ويتر انهن شعبن جي آفيسرن ۽ عملي جي پگهارن جو بار واسا لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيندو

ٻئي طرف ايڇ ڊي اي ڊپلوما انجنيئرز ايسوسيئيشن به سيڪريٽري ايڇ ڊي اي کي خط لکي واسا جي مالي حالت بابت آگاهي ڏيندي اها گهر ڪئي آهي ته ڄاڻايل شعبن کي واسا حوالي ڪرڻ وارو آرڊر واپس ورتو وڃي ته جيئن واسا وڌيڪ مالي مشڪلاتن کان بچي سگهي

Leave A Comment