حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي جي سڏ تي پريس ڪلب سامهون وسيلن جي مالڪي، ڪارونجهر جي نيلامي
ڌارين جي نيڪالي ۽ ڌاڙيل ڪلچر خلاف 48 ڪلاڪن واري بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. بک هڙتالي ڪئمپ تي ڳالهائيندي ثمر حيدر جتوئي ۽ ٻين چيو ته سنڌ واسي انتهائي حساس آهن
جيڪي پنهنجي تاريخي ماڳن سان بي انتها محبت ڪن ٿا ان ڪري تاريخي ماڳن سان هٿ چراند جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. هنن چيو ته سرڪار پاران نوٽيفڪيشن جي واپسي ڪافي نه آهي
ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ قرار ڏنو وڃي. اڳواڻن چيو ته افغاني پناهگيرن جي مدت مڪمل ٿي وئي آهي. ان سميت سمورين ڌارين جي واپسي کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته هو هاڻي هٿرادو ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو چاهين ٿا
ان لاءِ سندن پشت پناهي ڪندڙن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ مزدورن ۽ پورهيتن کي مقرر اجرت نٿي ڏني وڃي جڏهن ته سرڪاري سطح تي رجسٽريشن وارو معاملو رولڙي جو شڪار آهي
جنهن ڪري هو رليف کان محروم آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پورهيتن کي اعلانيل اجرت ڏئي هارين کي زرعي جنسن جي اگهن ۽ ڀاڻ ۾ سبسڊي فراهم ڪئي وڃي