حيدرآباد ۾آمريڪي شهريت رکندڙ ڊاڪٽر جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ

جُولاءِ 19, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سٽي تعلقي جي علائقي ڇوٽڪي گهٽي ۾ قائم گهر مان ڊاڪٽر جو ڦاهو کاڌل لاش مليو

 اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان بعد ۾ اهو لاش وارث گهر کڻائي ويا. ايس ايڇ او سٽي جو چوڻ آهي ته فوتي جي سڃاڻپ 38 سالن جي ڊاڪٽر ڪاشف شيخ پٽ شڪور شيخ طور ٿي آهي

 سندس تعلق ڄاڻايل علائقي سان آهي. ايس ايڇ او موجب سندس گهرڀاتين شروعاتي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته هن گهر جي مٿين حصي ۾ قائم ڪمري جي ڇت ۾ لڳل ڪنڊي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي مبينا آپگهات ڪيو آهي

 سٽي پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي واسين پاران کين اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽر ڪاشف شيخ آمريڪا ۾ رهائش پذير هو. ڪجهه مهينا اڳ هو آمريڪا مان واپس مائٽن وٽ حيدرآباد پهچي رهائش اختيار ڪئي هئي

 پر ان بابت سندس وارث تصديق ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. پوليس موجب ته انهن فوتي جي لاش بابت ضروري ڪارروائي مڪمل ڪري وارثن کان بيان وٺڻ بعد لاش حوالي ڪري ڇڏيو آهي

Leave A Comment