حيدرآباد ۾برسات دوران 5 پول ڪري پيا، بجلي معطل
جُون 27, 2025
حيدرآباد ( پنهنجي ڊيسڪ ) حيدرآباد ۾ برسات دوران حيسڪو جي سرفراز بابا فيڊر جا 5 پول گھوڙا گرائونڊ وٽ پاڻي ۾ ڪري پيا آهن، پول ڪرڻ سبب سرفراز بابا فيڊر بند ھجڻ جي ڪري بجلي جي فراھمي مڪمل طور بند ٿي وئي، جنهن ڪري شهري پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته حيسڪو ترجمان جو چوڻ هو ته حيسڪو جون ٽيمون سرفراز بابا فيڊر جي بحالي لاءِ پول لڳائڻ ۾ مصروف آھن، هن چيو ته جيڪي فيڊر برسات ۽ هوا جي ڪري متاثر ٿيا آهن انهن جي بحالي جي سلسلي ۾ ٽيمون فيلڊ ۾ موجود آهن.