حيدرآباد ۾عورتن پاران راند نه کيڏڻ تان نينگر ٿاڻي تي پهچي ويو

جُون 27, 2025

حيدرآباد (پنهنجي ڊيسڪ )حيدرآباد ۾ نينگر پاڙيسري عورتن خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو، حيدرآباد ۾ 8ورهين جي اياز احمد صديقي ٿاڻي تي پاڙيسري عورتن خلاف شڪايت ڪئي ته پاڙي جون عورتون کيڏڻ نه ٿيون ڏين، ان موقعي تي معصوم نينگر ٿاڻي تي پهچي ٻڌايو ته هن کي پاڙيسري عورتون راند کيڏڻ نٿيون ڏين، هن ٻڌايو ته  راند کيڏڻ تي پاڙيسري عورتون ڌڙڪا ڏئي ڀڄائي ڇڏين ٿيون، معصوم نينگر پوليس جي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ڄاڻايل عورتن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري  ساڻس سان انصاف فراهم ڪيو وڃي .

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب