حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي کاهي روڊ واري علائقي ۾ هجوم هٿان وحشياڻي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻيل زبير قريشي جي مٿي جا وار ۽ ڀرون ڪوڙڻ واري وڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي جڏهن ته عدالتي حڪم تي پوليس پاران سندس ميڊيڪل به ڪرايو ويو آهي
تشدد جو شڪار زبير قريشي جي تذليل واري وڊيو ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته نوجوان بنا قميص جي زمين تي ويٺل آهي جيڪو هجوم جي تشدد واري خوف ۽ جسم تي ٿڌو پاڻي وهائڻ سبب ڏڪندي نظر اچي ٿو
مٿو ڪوڙيندڙ شخص شروعاتي طور سندس اڌ مٿو ڪوڙي ساڄي پاسي واري ڀرون تي پاڪي هلائي رهيو آهي
ڄاڻايل وڊيو بابت زبير قريشي جي ڀينرن حنا ۽ ارم قريشي جو الزام آهي ته سندن ڀاءُ جي مٿي جا وار، ڀرون ۽ مڇون مصري شاهه واري علائقي ۾ قائم هڪ گهر ۾ ڪوڙيا ويا آهن ۽ سندن ڀاءُ جي تذليل ڪندڙ آصف نالي شخص جو تعلق به ڄاڻايل علائقي سان آهي
متاثر ڀينرن موجب سندن ڀاءُ خلاف بدفعلي جو ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو پر پوليس اڃا تائين زبير قريشي کي وحشياڻي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائيندڙن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي
واقعي جون وٽن سموريون وڊيوز به موجود آهن جنهن ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته هجوم ۾ شامل ماڻهن پاران زبير قريشي کي بجلي جي ٿنڀي سان ٻڌي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته مٿي جا وار ۽ ڀرون ڪوڙي منهن تي ڪاري مس هاري سندس تذليل ڪندي هجوم کي ڏسي سگهجي ٿو
ڄاڻايل وڊيوز انهن پاڻ به پوليس جي اعليٰ عملدارن کي ڏيکاريون آهن جن کين خاطري ڪرائي ته انصاف ٿيندو پر اڃا تائين ڪو به ماڻهو گرفتار ناهي ٿيو ۽ نه ئي مارڪيٽ پوليس سندن فرياد تي هجوم ۾ شامل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار آهي
ٻئي طرف عدالت پاران مارڪيٽ پوليس کي حڪم ڏنو ويو هو ته زبير قريشي تي تشدد ٿيو آهي ان ڪري سندس ميڊيڪل لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو وڃي
ميڊيڪو ليگل شعبي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته زبير قريشي جي اکين توڙي جسم جي ٻين حصن تي زخمن جا نشان هئا جڏهن ته سندس چهرو به سڄيل هو جنهن بابت انهن رپورٽ جاچ آفيسر حوالي ڪري ڇڏي آهي
ميڊيڪو ليگل شعبي جي ذريعن اهو به ٻڌايو ته زبير قريشي جي حالت خراب هئي ان ڪري انهن پاڻ مارڪيٽ پوليس کي صلاح ڏني ته هو علاج لاءِ ايمرجنسي وارڊ ۾ منتقل ڪن
واضح رهي ته 16 آڪٽوبر تي رات جو هجوم ۾ شامل ماڻهن درزڪو ڪم ڪندڙ زبير قريشي کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي سندس تذليل ڪئي
پوليس استاد جي فرياد تي سندس خلاف پٽ سان بدفعلي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري گرفتاري ظاهر ڪئي هئي