حيدرآباد ۾ آءِ جي سنڌ آڏو درخواستون کڻي ايندڙن کي ڌڪا

حيدرآباد ۾ آءِ جي سنڌ آڏو درخواستون کڻي ايندڙن کي ڌڪا

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ  پوليس لائن حيدرآباد ۾  سالياني بڙا خانه  جي  تقريب ۾ آمد دوران مختلف ضلعن جي پوليس اهلڪار ۽ عملدار ادارتي مسئلن جي حل لاءِ درخواستون کڻي پهتا ته سندن درخواستون وصول ڪري حل ڪرڻ ۽ نوٽيس وٺڻ بدران کين ٻاهر ڪڍيو ويو، درخواستون کڻي ايندڙن مايوس ٿي حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ پوليس جي آمد کان ڪجهه ڏينهن اڳ ميسيج هلايو ويو هو ته  پوليس اهلڪار، عملدار توڙي پوليس کاتي سان لاڳاپيل جن جا ادارتي يا اداري سان لاڳاپيل ڪي مسئلا آهن ته ان جي هل لاءِ درخواستون پيش ڪري سگهن ٿا، پر عين موقعي تي  درخواستون کڻي ايندڙن جون نه درخواستون ورتيون ويون نه سندن مسئلا ٻڌا ويا،  پر سڀني کي ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو،  آءِ جي کان علاوه ڪنهن در دانهن ڏيون. هنن مطالبو ڪيو ته آءِ جي سنڌ پوليس سان نه ملڻ  ڏيڻ تي حيدرآباد پوليس جي اهڙي رويي خلاف جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.