حيدرآباد ۾ احتجاج ڪندڙ ناري ايس ايڇ او کي چماٽون وهائي ڪڍيون
جنوري 5, 2024
حيدرآباد ۾ نوجوان ناري پاران مڙس ۽ معصوم ٻارڙن سميت گهر تي مبينا قبضي خلاف احتجاج ڪيو
نوجوان ناري ريحانه جو سول ڪپڙن ۾ پهتل ايس ايڇ او ڪينٽ تي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو، احتجاج دوران ناري ايس ايڇ او کي چماٽون وهائي ڪڍيون
ايس ايڇ او ليڊيز پوليس گهرائي ناري، سندس مڙس ۽ ٻارڙن کي گرفتار ڪرائي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو
ريحانه الزام هڻندي چيو ته منهنجي مڙس جي اڳوڻي زال پنهنجي پٽن سان گڏجي گهر تي قبضو ڪري اسان کي بيدخل ڪيو آهي
ناري جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او ڪينٽ عبدالرزاق ڪمانڊو گذريل ڏينهن به احتجاج ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون هيون
هن چيو ته ايس ايڇ او ڪينٽ مسئلو حل ڪرائڻ بدران اسان تي ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪيو، انصاف ڪيو وڃي