| حيدرآباد ۾ اسد عمراڻي قتل سميت مختلف مسئلن خلاف مظاهرا |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جونيئر ذوالفقار ڀٽو ٽيم حيدرآباد اسد عمراڻي مبينا پوليس مقابلي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ خلاف ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون اڪبر جهيجو، عبدالحميد قريشي،سرفراز شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته 7سال اڳ ڪراچي پوليس پ پ ش ڀ اڳواڻ اسد عمراڻي کي گهران کنڀي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن ڪيس ۾ قبرڪشائي ۽ ميڊيڪل رپورٽ واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف اچڻ باوجود اي ٽي سي ڪراچي شڪ جو فائدو ڏيندي پوليس اهلڪارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي جيڪا انصاف جي لتاڙآهي. مامري جو نوٽس وٺي مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. خلجي برادري شڪارپور ۾ واقع خلجي هوٽل تي هٿياربندن جي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ هوٽل مالڪ غلام علي خلجي کي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته شڪارپور ۾ واقع خلجي هوٽل تي هٿيارڀندن چڙهائي ڪري هوٽل مالڪ غلام علي خلجي کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ ڌمڪيوڏ ڏئي هوٽل تي ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي جوابدارن کي گرفتار ڪري هوٽل مالڪ کي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.دادو جي تعلقي جوهي جي ٿاڻي پٽ گل محمد جي حد ڳوٺ راشد کوسو جي رهواسي کوسو برادري جي عورتن ۽ مردن 2 سال اڳ مبينا اغوا ٿي ويل 2 ٻارن جي ماء صنم زال ذوالفقار علي جي بازيابي لاء ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. عورت جي مڙس ذوالفقار علي کوسو، موران زال غلام نبي ۽ ٻين دانهيندي الزام هنيو ته 2 سال اڳ اغوا ٿي ويل صنم کوسو ۽ سندس 2 ٻارن جي بازيابي لاء پٽ گل محمد ٿاڻي تي ايف آء آر داخل ڪرائي پر عورت جو ٻارن سوڌو ڪو به پتو نه پيو جڏهن ته تازو ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر اڪبر سيال فون ڪري صنم جو جي بازيابي بابت فون ڪري ٻڌايو ۽ ٻن ٻارن سوڌو بازياب ڪرايل صنم جي وڊيو اسان کي موڪلي ڪراچي گهرايو پر رشوت وٺڻ ۽ هفتو رهائڻ باوجود عورت ۽ ٻار اسان حوالي نه ڪيا. هنن آئي جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ ۽ ايس ايڇ او پٽ گل محمد ٿاڻي کي پابند بڻائي صنم کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ڪوڙيون رپوٽون داخل ڪرائيندڙ پوليس عملدارن خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي