| حيدرآباد ۾ افغانستان جي جھنڊي سان وڊيو وائرل، 2 ڄڻا گرفتار |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) افغانستان جي جهنڊي سان موٽر سائيڪل تي سوار ٻن ڄڻن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ٽنڊو يوسف پوليس ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار اسحاق ۽ قدير پوليس آڏو بيان ڏنو آهي ته اها وڊيو هنن ڪجھه سال اڳ خيبر پختونخوا ۾ ٺاهي هئي، هنن چيو ته ڪنهن شر پسند سندن اها وڊيو وائرل ڪئي آهي اسين محب وطن پاڪستاني آهيون، ٻنهي ڄڻن چيو ته اسان پنهنجي ماضي واري عمل تي شرمسار آهيون ۽ معافي گهرون ٿا.