حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ايس ايڇ او خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندڙ نوجوان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي
چيو پيو وڃي ته پٻڻ پوليس مبينا طور رڪشا روڪي دوا وٺڻ ويندڙ دلشاد علي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي
ٻئي طرف نوجوان جي وارث عورتن احتجاج ڪيو آهي سندن چوڻ آهي ته نوجوان ڪجهه وقت اڳ ايس ايڇ او پٻڻ خلاف پٽيشن داخل ڪرائي هئي، پٽيشن تان هٿ کڻائڻ لاءِ نوجوان کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي
هنن ٻڌايو ته نوجوان کي جڙتو مقابلي ۾نقصان پهچائڻ جو خدشو آهي اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائي ڏين