حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي حسين آباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران واٽر فلٽر پلانٽ جو افتتاح
ڪرڻ باوجود قاسم آباد جي الشهباز ڪالوني، مسيح پاڙو ۽ ريلوي سوسائٽي پيئڻ جي پاڻي کان محروم، گدو چوڪ کان حسين آباد ريلوي ڦاٽڪ تائين هڪ ڪلوميٽر جو تباهه ٿيل روڊ سبب گٽرن جو پاڻي گهرن ۾ داخل
ان سلسلي ۾ رهواسين انيس رحمان ابڙو، شڪيل احمد چانڊيو، مختيار بروهي، جڙيل کوکر ۽ ٻين چيو ته اسان پ پ جي اڳوڻي چونڊيل نمائندن توڙي حيدرآباد جي مئير سردار ڪاشف شورو ۽ واسا جي عملدارن جي درن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون. ميئر حيدرآباد واسا اختيارين ڏانهن موڪلي ٿو
واسا جا عملدار روز آسرا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا. حيدرآباد جي دل قاسم آباد تعلقي جي شهري آبادي وچ ۾ الشهباز ڪالوني، مسيح ڪالوني ۽ ريلوي سوسائٽي موجود آهن پر هن جديد دور ۾ انهن ڪالونينن جا رهواسي پئيڻ جي پاڻي، صفائي ۽ روڊ جي سهولتن کان محروم بڻيل آهن
هنن پ پ قيادت سميت مئير حيدرآباد ۽ ڊي سي حيدرآباد کان گهر ڪئي ته قاسم آباد جي الشهباز ڪالوني، مسيح ڪالوني ۽ ريلوي سوسائٽي جي مسئلن جو فوري نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن رهواسي سک جو ساهه کڻي سگهن