| حيدرآباد ۾ جعلي آئل فيڪٽريءَ تي ڇاپي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿي، گرفتار 5 مزدور ٿاڻي منتقل |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي تلسي داس روڊ، گاڏي کاتي ۾ قائم جعلي آئل فيڪٽري تي ٿيل ڇاپي بابت ايف آءِ آر رات دير تائين داخل نه ٿي سگهي. اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي جي اڳواڻي ۾ ڪيل ڇاپي واري ڪارروائي دوران هٿ آيل جعلي آئل جا ڊرم ۽ ڪارٽن بلديہ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي عملي جي مدد سان اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي آفيس منتقل ڪيا ويا. گرفتار ڪيل 5 مزدورن کي فورٽ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، پر ضلعي انتظاميه طرفان ڪو به آفيسر ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي نه پهتو.ٿاڻي ۾ موجود هڪ مزدور، جيڪو بيماري ۾ مبتلا آهي، جي حالت خراب ٿي وئي. پوليس پاران ضلعي انتظاميه سان رابطا ڪيا ويا پر ڪو به جواب نه مليو. ڇنڇر جي شام تقريباً پنجين وڳي ڌاري فورٽ ٿاڻي جي حدن اندر تلسي داس روڊ تي اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور جي سربراهي ۾ ضلعي انتظاميه جي آفيسرن پوليس سان گڏ هڪ آئل ڪارخاني تي ڇاپو هنيو. ان موقعي تي اي سي سٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر سيد زين العابدين کي شڪايتون مليون هيون ته ڄاڻايل ڪارخاني ۾ مختلف ٽريڊ مارڪ ڪمپنين جي ڊٻن ۾ جعلي آئل ڀريو پئي ويو، جنهن تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي ۽ ڪيترائي ڊرم ۽ ڪارٽن هٿ ڪيا ويا.ڇاپي دوران ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ 5 مزدورن لطيف آباد واسي عبدالرشيد، آفندي ٽائون واسي نعمان، تلڪ چاڙي واسي احسان، پنجره پول واسي ڪاشف ۽ حالي روڊ واسي سلمان کي حراست ۾ وٺي فورٽ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته هٿ آيل آئل ۽ ٻيون شيون بلديہ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي عملي جي مدد سان ڊي سي آفيس منتقل ڪيون ويون، پر اتي جاءِ نه هئڻ سبب انهن کي اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي آفيس، ٿڌي سڙڪ تي منتقل ڪيو ويو.پر اڃا تائين ضلعي انتظاميه طرفان واقعي بابت ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ڪو به آفيسر ٿاڻي نه پهتو آهي. فورٽ پوليس پاران ضلعي انتظاميه جي آفيسرن ۽ اي سي سٽي جي آفيس سان ڪيترائي ڀيرا رابطا به ڪيا ويا آهن. پوليس ذريعن موجب، نه ته هٿ آيل مال پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، نه ڪا تفصيل فراهم ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن آفيسر پاران ايف آءِ آر يا شڪايت داخل ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته 5 ڄڻن کي ٿاڻي ۾ ويهاريو ويو آهي. حراست ۾ ورتل مزدورن جا گهر ڀاتي، عورتون ۽ ٻار ڪلاڪن کان فورٽ ٿاڻي ٻاهران موجود رهيا. هڪ مزدور جي گهر وارن جو چوڻ آهي ته سندن ڀاءُ بيماري ۾ مبتلا آهي ۽ روزانو شام جو کيس اسپتال علاج لاءِ وٺي وڃڻو پوندو آهي، پر پوليس پاران حراست ۾ وٺڻ سبب سندس حالت خراب ٿي رهي آهي ۽ کيس بنا ڪنهن مقدمي جي حراست ۾ رکيو ويو آهي.هنن مطالبو ڪيو سندن همراھ کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو وڃي