حيدرآباد ۾ جيل مان تازو ڇٽندڙ شخص دشمني تان قتل

حيدرآباد ۾ جيل مان تازو ڇٽندڙ شخص دشمني تان قتل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ ھڪ شخص قتل ٿي ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ 55 سالن جي محمد خان طور ٿي آهي پوليس ذريعن موجب مقتول ڪجهھ ڏينهن اڳ ئي جيل مان آزاد ٿيو ھو انڪري فائرنگ جو واقعو پراڻي دشمني لڳي رھيو آھي پوليس لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو آھي