حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نسيم نگر فيز ون جي نسيم ڪامپليڪس ۾ رهائش پذير سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد مبينا ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو آهي
اطلاع تي پوليس پهچي 21 سالن جي ڀرت پٽ مور ڪولهي جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو
ايس ايڇ او وحيد پنهور موجب شاگرد بي بي اي سيڪنڊ ايئر جو شاگرد هو ڪامپليڪس ۾ پنهنجي ڀاءِ ۽ ٻن سئوٽن سان گڏ رهائش پذير هو سندس ننڍي ڀاءِ ۽ سئوٽن ٻڌايو آهي ته هن رئو پکي ۾ ٻڌي مبينا ڦاهو کائي انت آندو آهي
پوليس موجب شاگرد جو تعلق ننگرپارڪر سان آهي جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فليٽ ۾ چار نوجوان گڏ رهندا هئا ۽ شاگرد جو لاش رئي سان پکي ۾ لٽڪيل هو جنهن ڪري معاملو کين مشڪوڪ لڳي رهيو آهي جنهن جي هر رخ کان جاچ پيا ڪن