حيدرآباد ۾ سِٽڪو پاران ٿر فيسٽيول، ٿري ثقافتي شين جي نمائش، راڳ رنگ جي محفل
نومبر 30, 2024
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ انڊيجينئس اينڊ ٽريڊشنل ڪرافٽس ڪمپني (سٽڪو) ۽ بسنت هال ڪلچرل سينٽر پاران حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن جو ٿر فيسٽيول منعقد ڪيو ويو آهي. ٿر فيسٽيول جي موقعي تي پهرين ۽ ٻئي ڏينهن ٿر جون ثقافتي شين جي نمائش رکي وئي آهي جنهن ۾ ٿري ڪپڙا، کٿيون، اٺن ۽ گهوڙن جي سينگار سميت گهرن جي سينگار ۽ سونهن جون شيون به شامل آهن. مختلف اسٽالن تي ايٽ (ارٽ) ۽ کٿيون ٺاهڻ لاءِ کڏيون به لڳايون ويون آهن جتي سڌي ريت شيون ٺاهڻ جو ڏانءُ به سمجهايو پيو وڃي. ٿر فيسٽيول جي موقعي تي ٿري کاڌن جا اسٽال به لڳايا ويا آهن جتي بنا ڪيميڪل جي تيار ٿيل فصلن مان کاڌو تيار ڪري ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي. اسٽالن تي ٿر جي سگهڙ عورتن کي به بيهاريو ويو آهي ته جيئن هو ٿر جون ثقافتي شيون سڌي ريت ٺاهي ماڻهن کي ڏيکاري ۽ سمجهائي سگهن. ٿر فيسٽيول جي موقعي تي پهرين ڏينهن سنڌ ميوزم جي ثقافتي ڳوٺ ۾ موسيقي جي محفل به ٿي جنهن ۾ ٿر جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سٽڪو جي ڊائريڪٽر شڪيل ابڙو، اڳوڻي سيڪريٽري ثقافت حميد آخوند ۽ ٻين ٻڌايو ته ٿر فيسٽيول جو مقصد ٿر جي هنرن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هنن چيو ته گهڻ ماڻهن جو ٿر ڏانهن وڃڻ نٿو ٿئي ان ڪري هو حيدرآباد ۾ لڳندڙ نمائش ۾ ٿري هنر ۽ اتان جي ثقافتي ۽ تهذيبي شين کي نه رڳو ڏسي پر خريد به ڪري سگهن ٿا. زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته ٿر ۾ زراعت کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي ڇاڪاڻ ته هاڻي دنيا کي خالص شين جي گهرج ٿي آهي جيڪي اڳ ۾ ئي ملن ٿيون جتي فصلن توڙي اناج ۽ ڀاڄين کي بنا زرعي ڀاڻن جي تيار ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته دنيا جي ضرورتن کي ڏسي ٿر جي شين مان تمام گهڻو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. هن چيو ته اهڙيون نمائشون نه رڳو حيدرآباد پر ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به لڳائڻ گهرجن. ٻئي طرف نمائش کي ڏسڻ لاءِ شهرين جو هڪ وڏو انگ سنڌ ميوزم جي ثقافتي ڳوٺ پهتو جتي اها نمائش لڳائي وئي آهي. نمائش ڏسندڙن ۾ عورتن جو به هڪ وڏو انگ شامل هو. سٽڪو جي ڊائريڪٽر شڪيل ابڙو، اڳوڻي سيڪريٽري ثقافت حميد آخوند ۽ ٻين ٻڌايو ته ٿر فيسٽيول جو مقصد ٿر جي هنرن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هنن چيو ته گهڻ ماڻهن جو ٿر ڏانهن وڃڻ نٿو ٿئي ان ڪري هو حيدرآباد ۾ لڳندڙ نمائش ۾ ٿري هنر ۽ اتان جي ثقافتي ۽ تهذيبي شين کي نه رڳو ڏسي پر خريد به ڪري سگهن ٿا. زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته ٿر ۾ زراعت کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي ڇاڪاڻ ته هاڻي دنيا کي خالص شين جي گهرج ٿي آهي جيڪي اڳ ۾ ئي ملن ٿيون جتي فصلن توڙي اناج ۽ ڀاڄين کي بنا زرعي ڀاڻن جي تيار ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته دنيا جي ضرورتن کي ڏسي ٿر جي شين مان تمام گهڻو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. هن چيو ته اهڙيون نمائشون نه رڳو حيدرآباد پر ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به لڳائڻ گهرجن.
کپرو ۾سنڌي ڀرت ۽ پوشاڪ بابت سينٽر کولڻ جو اعلان
حيدرآباد: نمائش جي موقعي تي لطيف جي شاعري تي عطا چانهيو پنهنجي سيشن ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ ٿر جي ثقافت“ ۾ چيو ته شاهه لطيف ٿر جي ثقافت، عمر مارئي ۽ ٻين فطري شين کي پنهنجي خوبصورت شاعري ۾ ڳايو آهي. هن چيو ته ٿر جي کاڌ خوراڪ جي حوالي سان هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته اتي خالص، آرگينڪ ڀاڄيون ۽ کير ميسر آهي. هن چيو ته ٿر جي ثقافت ۽ ٻين مصنوعات کي پروموٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته هن وقت ڪارپوريٽ ڪلچر تمام وڏو خطرو آهي جنهن سان ٿر جي آرگينڪ فوڊ، لباس ۽ ٻيون شيون تبديل ٿي وينديون. پروگرام ۾ انڊو منٽ فنڊ ٽرسٽ جي چيئرمين عبدالحميد آخوند اعلان ڪيو ته کپرو ۾ عطا چانهيو سان گڏجي سنڌي ڀرت ۽ پوشاڪ جي حوالي سان هڪ سينٽر کوليو ويندو جتي سنڌي لباس کي محفوظ ڪيو ويندوشيون تيزي سان تبديل پيون ٿين، مستقبل ۾ ٿري ثقافت قائم رکڻ وڏو چيلينج آهي:خالد جوڳي
شيون تيزي سان تبديل پيون ٿين، مستقبل ۾ ٿري ثقافت قائم رکڻ وڏو چيلينج آهي:خالد جوڳي
حيدرآباد: ٿر جي تاريخ جي حوالي سان اديب خالد جوڳي چيو ته هن وقت جهڙي طرح ڪميونيڪشن ۽ ٻيون شيون تيزي سان ترقي ڪري رهيون آهن ته مستقبل ۾ ٿر جي ثقافت کي قائم رکڻ هڪ تمام وڏو چيلينج آهي. هن دعا ڪئي ته اسان کي ٿر جي ثقافت کاڌ خوراڪ جي متعلق آگاهي ملي سگهي. هن چيو ته ٿر جي ثقافتي شين کي جديد دور جي حساب سان بڻائڻ گهرجي ته جيئن اها مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ڪري سگهي. فيسٽيول ۾ ٿر جي کاڌ خوراڪ، لباس ۽ ٻين ثقافتي ورثي جي حوالي سان اسٽالز لڳايا ويا. فيسٽيول ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري، ڊائريڪٽر بسنت هال صوبيا شيخ، سول سوسائٽي ميڊيا ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.