حيدرآباد ۾ شادي تقريب دوران فائرنگ: گهر جي ڇت تي ويٺل ٻارڙو زخمي

جُون 17, 2023

حيدرآباد( بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ شادي تقريب دوران خوشي ۾ ٿيل هوائي فائرنگ جي نتيجي  ۾ گهر جي ڇت تي ويٺل ٻارڙو زخمي ٿي پيو

حالي روڊ واري علائقي ۾ شادي جي تقريب دوران خوشي ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ ۾ گهر جي ڇت تي گوليون ڪرڻ سبب ٻارڙو زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

 وارثن موجب نينگر گهر جي ڇت تي ستل هو ۽ پاڙي ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن دوران اگهور ننڊ ستل نينگر کي مٿي ۾ گوليون لڳيون ۽ هو زخمي ٿي پيو

اسپتال انتظاميا موجب ته انهن واقعي جو اطلاع پوليس کي به ڏنو پر حالي روڊ ٿاڻي جي پوليس واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته کين نينگر جي زخمي ٿيڻ بابت وارثن پاران ڪا به ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي وئي

Leave A Comment