حيدرآباد ۾ شهر جي شاندار تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هيريٽيج واڪ

حيدرآباد ۾ شهر جي شاندار تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هيريٽيج واڪ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا پاران شهر جي شاندار تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ نئين نسل کي آگاهي ڏيڻ لاءِ اڄ هڪ هيريٽيج واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، واڪ جو باقاعده افتتاح ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي تاريخي بسنت هال کان ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور حسين سميت سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ شاگرد شاگردياڻيون موجود هئا، هيريٽيج واڪ ۾ شرڪت ڪندڙن بسنت هال کان پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ شهر جي مختلف تاريخي ماڳن جو دورو ڪيو، جن ۾ سيٺ ميٿارام هاسٽل، ڪي بي عظيم خان لائبريري، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، دائل داس ڪلب ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس (سٽي) شامل هئا، قافلي هيرانند ڀيرو مل مينشن ۽ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس جو به جائزو ورتو، بعد ۾ شرڪت ڪندڙ حيدر چوڪ جي تاريخي عمارتن، ڪوهنور چوڪ، ريشم گلي، مکي هائوس ۽ جهمت مل ڪمت راءِ جي عمارت تائين پهتا، واڪ جي روٽ ۾ حسرت موهاني لائبريري، تالپور ميرن جو حرم، پڪو قلعو، قديم شاهي بازار ۽ ڪند بائي واٽر ٽراؤف پڻ شامل هئا، ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو ته هن هيريٽيج واڪ جو سهرو اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور حسين جي سر آهي، جن هي مثبت ۽ ساراهه جوڳو قدم کنيو، هن چيو ته حيدرآباد هڪ قديم ۽ تاريخي شهر آهي، جتي تعليمي ادارا ۽ ثقافتي مرڪز اسان جي سڃاڻپ آهن، ضلعي انتظاميا جو مقصد انهن تاريخي ماڳن کي محفوظ بڻائڻ سان گڏ انهن جي تشهير ڪرڻ به آهي، جيئن دنيا کي حيدرآباد جي ثقافتي اهميت کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ سياحت کي هٿي ملي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين هيريٽيج واڪ ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردياڻين ۽ شاگردن ضلعي انتظاميا جي هن ڪوشش کي ساراهيندي چيو ته اڄ کين پنهنجي شهر جي تاريخ ۽ قديم عمارتن بابت تمام گهڻي نئين ڄاڻ ملي آھي.